UNPKG

@mdkva/surahkit

Version:

MDKVA SurahKit provides clean, reliable, and easily accessible Quran data ideal for apps, Islamic tools, AI systems, and automation projects.

32 lines 2.3 kB
[ { "id": "1", "surah": "The Opener", "verses": "1-7", "text": "الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع) سڀ ساراھ (خاص) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي. (جو) ٻاجھارو مھربان. قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي). تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا. اسان کي سڌي واٽ ڏيکار. جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي، نه انھن جي (واٽ) جن تي (تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ)." }, { "id": "103", "surah": "The Decline Day", "verses": "1-3", "text": "پوياڙيءَ جو قسم آھي. ته بيشڪ ماڻھو گھاٽي ۾ آھي. سواءِ انھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ ھڪ ٻئي کي سچ جي وصيّت ڪيائون، ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصّيت ڪيائون." }, { "id": "112", "surah": "The Sincerity", "verses": "1-4", "text": "(اي پيغمبر) چؤ ته الله اڪيلو آھي. الله بي احتياج آھي. نڪي ڄڻيائين، ۽ نڪي ڄڻيو ويو. ۽ سندس برابر ڪوبه ڪونھي." }, { "id": "113", "surah": "The Daybreak", "verses": "1-5", "text": "(اي پيغمبر) چؤ ته صبح جي پالڻھار جي پناھ گھران ٿو. جيڪي پيدا ڪيو اٿس تنھنجي بڇڙائي کان. ۽ اونداھي ڪندڙ (رات) جي بڇڙائي کان جڏھن اُھا پکڙجي. ۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙين (عورتن) جي بڇڙائي کان. ۽ مَسَھُوء جي بڇڙائيءَ کان جڏھن (اُھو) مَسَھائي ڪري." }, { "id": "114", "surah": "The Mankind", "verses": "1-6", "text": "(اي پيغمبر) چؤ ته ماڻھن جي پالڻھار جي پناه گھران ٿو. ماڻھن جي بادشاھ جي. ماڻھن جي (سچي) معبود جي. پٺ تي ھٽي ويندڙ (شيطان) جي وَسَوَسن جي بڇڙائي کان. جيڪي ماڻھن جي سينن ۾ وَسَوَسو وجھي ٿو. جو جنن (جي جنس) مان ھجي يا ماڻھن (جي جنس) مان." } ]